تفريق ۽ تقطيع

تفريق ۽ تقطيع

تفريق ۽ تقطيع

تفريق ۽ تقطيع (ڪتاب ):سيد عبدالحسين موسويءَ هي ڪتاب استادن ۽ شاگردن جي رهنمائي ۽ رهبريءَ لاءِ لکيو هو. ان دور ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ ورنيڪيولر امتحان ٿيندو هو، جنهن کي عام طرح ”سنڌي فائنل“ سڏيو ويندو هو. ان جي نصاب ۾ ”علم نَحوم“ ۽ ”علم صرف“ به شامل هئا. شاهه صاحب انهن ٻنهي علمن تي مهارت رکندو هو، تنهنڪري ”تفريق ۽ تقطيع“ جي نالي سان ڪتاب لکيائين. هن ڪتاب جي ترتيب ۾ ميان محمد ابراهيم عباسي به شاهه صاحب جو ٻانهن ٻيلي هو. هي ڪتاب سن 1934ع ۾ اشاعت هيٺ آيو. هن ڪتاب جو ٽيون ڇاپو سن 1945ع ۾ پوڪرداس اينڊ سنز، ڪراچي سنڌ طرفان ڇپيو ۽ ان جو پنجون ڇاپو سن 1958ع ۾ توفيق آرٽ پريس دادو مان ڇپجي پڌرو ٿيو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو